سندهه مين اردو شاعري

سندهه مين اردو شاعري

سندهه مين اردو شاعري

سندهه مين اردو شاعري (ڪتاب): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’سنڌ ۾ اردو شاعري‘ عنوان سان، شاهجهان بادشاهه کان وٺي پاڪستان جي قيام تائين، سنڌ جي انهن شاعرن جو تذڪرو شامل ڪيو آهي، جن اردوءَ ۾ شاعري ڪئي آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته اردو شاعريءَ جي ترويج سنڌ جو خطو، برصغير جي ٻين خطن جي شاعرن کان پوئتي نه آهي. هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل دورن جي نمائنده شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ سندن سوانح جو مواد ڪافي ڪوششن سان گڏ ڪيو ويو آهي. هن تذڪري ۾ ملا عبدالحڪيم ’عطا‘ ٺٽوي (1040- 1140هه) کان وٺي سيد عابد علي شاهه ’شيدا‘ خيرپوري (وفات 1947ع) جو ذڪر آهي. اهڙن شاعرن ۾ روحل فقير، مراد فقير، سچل سرمست، سرفراز عباسي، غلام شاهه لغاري، قادر بخش بيدل، حـمـل خان لغاري، محمد محسن ’بيڪس‘، فضل محمد ماتم، مـرزا قـاسم عـلـي ’قـاسم‘، مرزا ٻڍل بيگ ۽ مرزا قليچ بيگ وغيره به شامل آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد، جولاءِ 1967ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو، 1970ع ۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ چئن وڌيڪ شاعرن جو به ذڪر ڪيو ويو، جڏهن ته ان جو ٽيون ڇاپو، جون 1978ع ۾ مجلس ترقي ادب، اردو لاهور پاران احمد نديم قاسميءَ ڇاپي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ هڪ وڌيڪ شاعر، خيرپور جي، سيد عابد علي شاهه ’شيدا‘ خيرپوريءَ جو ڪلام داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ان جو چوٿون ڇاپو (ڪتاب ۾ طبع سوم ڄاڻايل) 2012ع ۾، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هي آخري ڇاپو، ڊيمي سائيز جي 310 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 350 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو